Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:12 - Sindhi Bible

12 جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڪري آءٌ مٿن مصيبت آڻيندس. هائو، هنن جي سزا جو وقت اچي رهيو آهي. انهن جون راهون اونداهيون ۽ ترڪڻيون ٿي پونديون، کين اوڏانهن ڌڪيو ويندو جتي هو ڪري پوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.


انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي.


سچ پچ تون انهن کي ترڪڻين جاين ۾ ٿو رکين: ۽ کين ڪيرائي برباد ٿو ڪرين.


هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.


هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس.


شريرن جو رستو اونداهيءَ جهڙو آهي؛ هنن کي خبر نٿي پوي تہ ڇا تي ٿا آٿڙجن.


۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.


۽ هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو: ڇالاءِ جو آءٌ عنتوت جي ماڻهن تي خرابي آڻيندس، يعني هنن جي سزا جو سال.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ