Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:5 - Sindhi Bible

5 پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر جيڪڏهن اوهان انهن حڪمن کي نہ مڃيندا تہ پوءِ آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هي محل ويران ٿي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ


پر جي اوهين ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ منهنجا قاعدا ۽ حڪم ڇڏي ڏيندا، جي مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن ۽ وڃي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڏيندا:


۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود هٿ ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي بندگي ڪيائون: تنهنڪري هن هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ جيڪا شريعت آءٌ اوهان جي اڳيان ٿو رکان تنهن تي نہ هلندا،


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.


۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟


ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين،


تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ