Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:30 - Sindhi Bible

30 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جا قوم ۾ نہ پٽ نہ پوٽا رهندا، ۽ نہ سندس رهڻ جي جاءِ تي ڪو باقي رهندو.


بڇڙائيءَ جي تخت سان، جو ٺڳيءَ جا قانون ٿو جوڙي، تنهنجو ڪو رشتو ٿيندو ڇا؟


ڇالاءِ جو ڌنار حيوان ٿي پيا آهن، ۽ خداوند کان پڇا نہ ڪئي اٿن: تنهن ڪري هو ڪامياب نہ ٿيا آهن، ۽ انهن جا ڌڻ سڀ ٽڙي پکڙي ويا آهن.


انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو.


۽ بابل جي بادشاهہ، صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪرايو: هن يهوداہ جي سڀني اميرن کي بہ ربلہ ۾ قتل ڪرايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ