Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:28 - Sindhi Bible

28 اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:28
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.


جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي: ۽ هو بي سوءَ لڏي هليو ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ.


مون کي مردي وانگر دل تان لاهي ڇڏيو اٿن: آءٌ ڀڳل ٿانوَ وانگر آهيان.


جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو:


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.


جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر تڏهن کڻي نہ ويو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي، ۽ يهوداہ، ۽ يروشلم جي سڀني اميرن کي يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪري ويو:


۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛


موآب جي سڀني گهرن جي ڇتين تي ۽ ان جي گهٽين ۾ جتي ڪٿي ماتم متو پيو آهي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ مون موآب کي انهي ٿانوَ وانگي ڀڃي ڇڏيو آهي، جو نہ وڻندو آهي.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ