Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:26 - Sindhi Bible

26 آءٌ توکي، ۽ جنهن تنهنجي ماءُ توکي ڄڻيو، تنهن کي ٻئي ملڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندس، جتي تون نہ ڄائو هئين؛ ۽ اُتيئي تون مرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تون ۽ تنهنجي ماءُ يهوداہ ۾ ڄاوا هئا، پر آءٌ اوهان ٻنهي کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏيان، جتي اوهين مري کپي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو، يهوياڪين کي، ۽ بادشاهہ جي ماءُ، ۽ بادشاهہ جي زالن کي، ۽ سندس عملدارن، ۽ ملڪ جي مکيہ ماڻهن کي قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏانهن وٺي ويو.


جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ارڙهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو ۽ اُها الناتن جي ڌيءَ هئي، جو يروشلم جو رهاڪو هو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛


۽ هن انهيءَ جا قيدين وارا ڪپڙا بدلايا، ۽ هو پنهنجي حياتيءَ جي سڀني ڏينهن ۾ هن جي اڳيان ماني کائيندو رهيو.


۽ هن جي ساري ڄمار ۾ جيڪو بادشاهہ جي طرفان هميشہ جو ڀتو مقرر هوس، تنهن جو حصو هر روز حساب موجب ملندو رهيس.


اي زبردست ڏس، خداوند توکي سختيءَ سان پري اُڇلائيندو؛ هائو، هو توکي سوڙهو ويڙهي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا،


تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.


پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.


(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا)


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ