Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:25 - Sindhi Bible

25 ۽ آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيان جي تنهنجي جان جي پٺيان آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون ڊڄين ٿو، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي ۽ ڪسدين جي هٿن ۾،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 بلڪ آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏيان جيڪي تنهنجا جاني دشمن آهن، يعني بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر، جن کان تون ڊڄين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين.


شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي.


۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ