Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:23 - Sindhi Bible

23 اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.


اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي.


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


جيتوڻيڪ هو کوٽي کوٽي هيٺ دوزخ تائين ويندا، تہ بہ منهنجو هٿ هنن کي اُتان ڪڍي ايندو؛ ۽ جيتوڻيڪ هو چڙهي آسمان تائين ويندا، تہ بہ اُتان آءٌ هنن کي هيٺ لاهي آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛


انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي!


پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ