Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:18 - Sindhi Bible

18 تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ڀاءُ يونتن مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي: تون مون کي ڏاڍو وڻندو هئين: تنهنجي محبت مون سان عجب جهڙي هئي، زالن جي محبت کان بہ وڌيڪ هئي.


۽ هن اُنهيءَ جو لاش پنهنجي قبر ۾ رکيو، پوءِ هو مٿس ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ چيائون تہ افسوس، اي منهنجا ڀاءُ!


جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو زبودہ هو ۽ اُها روماہ واري فدياہ جي ڌيءَ هئي.


۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.


۽ يهويقيم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.


جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:


۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي بابت اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:


اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.


پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.


تون امن آرام ۾ مرندين؛ جيئن تنهنجا ابا ڏاڏا، اڳوڻا بادشاهہ، جي تو کان اڳي هئا، تن جي لاءِ خوشبوءِ ساڙيندا هئا، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيندا؛ ۽ تنهنجي لاءِ ماتم ڪندا ۽ چوندا تہ هاءِ ڌڻي! ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اهو ڪلام ڪري ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ