Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:15 - Sindhi Bible

15 تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟ ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟ تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:15
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


۽ ٻيو هن کان اڳي ڪوبہ بادشاهہ اُنهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو، جو پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساري روح سان، ۽ پنهنجيءَ ساري طاقت سان، موسيٰ جي ساري شريعت موجب خداوند ڏانهن ڦريو؛ نڪي انهيءَ کانپوءِ ڪو هن جهڙو ٿيو.


۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.


هاڻي يوسياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ان جا چڱا عمل، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهن،


رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.


انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.


شرير ماڻهوءَ کي بادشاهہ جي حضور مان ڪڍي وڃ، تہ سندس تخت سچائيءَ جي ڪري قائم رهندو.


بادشاهہ عدالت سان ملڪ کي قائم ڪري ٿو، پر جيڪو زور سان نذرانا وٺي ٿو سو ملڪ کي تباهہ ڪري ٿو.


پنهنجو وات پٽ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪر، ۽ غريبن ۽ محتاجن جي عدالت ڪر.


اي ملڪ، تون سڀاڳو آهين جڏهن تنهنجو بادشاهہ اميرن جو اولاد آهي، ۽ تنهنجا امير پوري وقت تي کائين ٿا، نہ نشي ٿيڻ لاءِ، پر سگهہ لاءِ!


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


اُهو چڱو هجي يا بڇڙو، تہ بہ خداوند اسان جو خدا، جنهن ڏي اسين توکي موڪليون ٿا، تنهن جو حڪم اسين مڃينداسين؛ انهي لاءِ تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جو حڪم مڃينداسين تڏهن اسان جو ڀلو ٿيندو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين پوري طرح پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا؛ جيڪڏهن اوهين هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پاڙيسريءَ جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪندا؛


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ