Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:14 - Sindhi Bible

14 جو چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادو گهر ۽ ويڪريون ڪوٺيون جوڙائيندس. ۽ جو پنهنجي لاءِ دريون ٺهرائي ٿو؛ ۽ انهي گهر تي ديودار جي ڪاٺ جي ڀت جوڙائي، ۽ انهي کي شنگرف سان چٽائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“ سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو ۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي ۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.


۽ وڏي گهر جي ڇت هن صنوبر جي ڪاٺ جي جوڙائي، جنهن تي هن عمدو سون مڙهايو، ۽ انهن تي کجين جا وڻ ۽ زنجير ڪڍرايائين.


جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي.


پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ


اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن.


۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ


هوءَ پنهنجون زناڪاريون وڌائڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهن جون تصويرون ڀِت تي نڪتل ڏٺيون، يعني شنگرف سان نڪتل ڪسدين جون شڪليون.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ