Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:13 - Sindhi Bible

13 ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ويل آهي ان لاءِ! جيڪو پنهنجو گھر بي‌ايمانيءَ سان ٺهرائي ٿو، ۽ ظلم ڪندي ماڙيون تعمير ٿو ڪرائي، هائو، جيڪو پنهنجي هم‌وطنن کان بيگار جو ڪم وٺي ٿو، ۽ کين مزدوري نہ ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو.


جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي:


افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:


جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.


تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.


اوهين صيون کي رت سان ۽ يروشلم کي بي انصافي سان ٿا اڏيو.


افسوس آهي انهي تي جو رت سان ڳوٺ اڏي ٿو، ۽ بڇڙائي سان شهر قائم ٿو ڪري!


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


۽ جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏج:


ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ