Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:12 - Sindhi Bible

12 پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر جيڏانهن کيس قيد ڪري وٺي ويا آهن اتي ئي مري کپي ويندو. هو وري هي ملڪ نہ ڏسندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:12
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


۽ فرعون نڪوہ، الياقيم بن يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين: پر هن يهوآخز کي وٺي مصر ۾ آندو، جتي هو مئو.


تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.


پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.


۽ اوهين قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا، ۽ اوهان جي دشمنن جي زمين اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ