Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو، پر هو قيد ٿي ٻئي ملڪ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، تنهن جي باري ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن موٽي ڪونہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


۽ هن جي نوڪرن هن کي مجدو مان هڪڙيءَ گاڏيءَ ۾ مئل کڻي يروشلم ۾ آندو، ۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي مسح ڪري سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.


جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


۽ فرعون نڪوہ، الياقيم بن يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين: پر هن يهوآخز کي وٺي مصر ۾ آندو، جتي هو مئو.


۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


تڏهن بني افرائيم جي ڪن رئيسن، يعني عزرياہ بن يهوحنان، ۽ برڪياہ بن مسليموت، ۽ يحزقياہ بن سلوم، ۽ عماسا بن خدلي، جيڪي ماڻهو جنگ تان آيا هئا تن سان مقابلو ڪيو،


تڏهن خلقياہ، ۽ اهي جن کي بادشاهہ حڪم ڏنو، سي خلداہ نبيہ ڏي ويا، جا سلوم بن توقهت، بن خسراہ جي زال هئي، جو توشہ خاني جو داروغو هو؛ (هاڻي هوءَ يروشلم جي ٻئي حصي ۾ رهندي هئي؛) ۽ هنن انهيءَ بابت هن کي چيو.


پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.


خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ