Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 22:10 - Sindhi Bible

10 اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 22:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.


هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو.


تنهن ڪري جيڪي اڳيئي مري ويا آهن، تن مئلن جي مون انهن جيئرن کان وڌيڪ تعريف ڪئي؛


راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي.


نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.


ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛


تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.


پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.


اي آدمزاد، ڏس آءٌ هڪڙي ڌڪ سان توکان تنهنجين اکين جي پياري کسي ٿو وٺان: انهي هوندي بہ نہ تون ماتم ڪندين، نہ روئندين ۽ نہ ڳوڙها ڳاڙيندين.


پر يسوع انهن ڏانهن منهن ڪري چيو، تہ اي يروشلم جون ڌيئرون، مون لاءِ نہ روئو، پر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ روئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ