Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 21:9 - Sindhi Bible

9 جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 21:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.


پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


ڇو تون ۽ تنهنجي قوم، ترار سان، ۽ ڏڪار سان، مرڻ ٿا گهرو، جيئن ڪ خداوند انهي قوم جي نسبت فرمايو آهي جا بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندي؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.


ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.


۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ