Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 21:13 - Sindhi Bible

13 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 21:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن يروشلم جي چوڌاري جبل آهن، تيئن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي چوڌاري، هن وقت کان وٺي هميشہ تائين آهي.


پوءِ هو سڪات کان روانا ٿيا، ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجي پٽ کي ٻڌائج تہ جڏهن آءٌ مصر مان نڪتس، تڏهن خداوند جيڪي مون لاءِ ڪيو، تنهن جي ڪري ائين ڪيو ٿو وڃي.


رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟


اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.


۽ آءٌ پاڻ ڊگهيريل هٿ سان، ۽ مضبوط ٻانهن سان، بلڪ غصي ۾، ۽ جوش ۾، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اوهان سان وڙهندس.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.


زمين جي بادشاهن کي اعتبار نہ هو، ۽ نہ دنيا جي سڀني رهاڪن کي، تہ ڪو ويري ۽ دشمن يروشلم جي درن اندر گهڙي ايندو.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان باطل ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙا رويا ڏٺا اٿوَ، تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف آهيان.


۽ اسرائيل جي ملڪ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍندس، ۽ تو مان سچن کي توڙي شريرن کي وڍي ڇڏيندس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ