Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ، ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان. اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ بي‌عزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:8
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اُتان نڪري بيت ايل ڏانهن ويو: ۽ جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويو تيئن ننڍڙا ٻار شهر مان نڪري آيا ۽ هن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ هل ڙي گنجا؛ هل ڙي گنجا.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين گناهہ جا ٻار، ۽ ڪوڙ جو نسل نہ آهيو ڇا؟


ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.


جيڪي نبي قديم زماني ۾ مون کان اڳي ۽ توکان اڳي ٿي گذريا آهن، تن گهڻن ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي برخلاف جنگ ۽ مصيبت ۽ مرض بابت پيشنگوئيون ڪيون هيون.


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


ڇو تون مون کي بي انصافي ۽ ڏنگائي ٿو ڏيکارين؟ ڦرلٽ ۽ ظلم زبردستي منهنجي اڳيان آهن، ۽ جهيڙو ۽ بحث پيو هلي.


تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين.


۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.


انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ