Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:7 - Sindhi Bible

7 اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اي خداوند! تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني، جيڪا مون مڃي. تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين. هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي، هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:7
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اُتان نڪري بيت ايل ڏانهن ويو: ۽ جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويو تيئن ننڍڙا ٻار شهر مان نڪري آيا ۽ هن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ هل ڙي گنجا؛ هل ڙي گنجا.


آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.


۽ هاڻي آءٌ انهن جو راڳ ٿي پيو آهيان، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان.


مغرورن مون سان ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون آهن: پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کان ڪين ڦريو آهيان.


خداوند مضبوط هٿ سان مون سان ڳالهايو، ۽ مون کي سمجهايائين تہ هن قوم جي رستي تي نہ هلان، ۽ فرمايائين تہ


ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.


ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.


خداوند توکي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، تہ اوهين خداوند جي گهر ۾ عملدار ٿيو، ۽ جيڪو ماڻهو چريائي ڏيکاري ۽ پاڻ کي نبي بنائي تنهن کي تون ڪاٺ ۾ ۽ زنجيرن ۾ وجهہ.


۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.


آءٌ پنهنجي سڄيءَ قوم وٽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن هو مون تي پيا راڳ ڳائين.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.


پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.


۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.


هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.


يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ