Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:6 - Sindhi Bible

6 ۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هاڻ اي فشحور! تون بہ بابل ڏانهن قيد ڪري نيو ويندين. تون اتي مرندين ۽ اتي ئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجو گھراڻو بلڪ تنهنجا اهي سڀيئي دوست بہ جن جي اڳيان تو منهنجي نالي سان ڪوڙا پيغام ٻڌايا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


هاڻي فشحور بن امير ڪاهن، جو خداوند جي گهر ۾ مکيہ عملدار هو، تنهن يرمياہ کي انهن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪندي ٻڌو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


۽ هن جي نبين پنهنجي لاءِ اڻ گڏيل گاري سان لنب ڪئي آهي، ۽ باطل شيون ڏسن ٿا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، پر خداوند ائين نہ فرمايو آهي.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ