Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.


اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.


اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.


ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.


ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.


۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ