Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:11 - Sindhi Bible

11 پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن: تڏهن بہ اهي مون تي غالب نہ پيا.


جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن.


جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.


ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي.


منهنجا سڀ دشمن ڦڪا ۽ پشيمان ٿيندا؛ اهي موٽي ويندا ۽ اوچتو شرمندا ٿيندا.


اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.


اچو ۽ خدا جا ڪم ڏسو؛ بني آدم جي حق ۾ سندس ڪم هيبتناڪ آهن.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


۽ آءٌ اوهان تي هميشہ جي خواري آڻيندس، ۽ مدامي شرم، جو وسري نہ ويندو.


تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:


۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ