Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 20:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 20:10
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


سڀ منهنجا دلي دوست مون سان نفرت ٿا ڪن: ۽ جن سان منهنجي محبت هئي سي مون کان ڦري ويا آهن.


ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون.


پر اي خداوند مون توتي ڀروسو رکيو: ۽ چيم تہ تون ئي منهنجو خدا آهين.


پر اي خداوند تون مون تي رحم ڪري مون کي اُٿاري کڙو ڪر، تہ آءٌ انهن کان بدلو وٺان.


منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.


منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.


جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي.


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.


تنهن ڪري خداوند عنتوت جي ماڻهن جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، يعني جي ماڻهو تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند جي نالي سان نبوت نہ ڪر متان اسان جي هٿان مري پوين:


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.


۽ جڏهن هو بنيمين جي دروازي تي پهتو تڏهن بهري وارن جو سردار، جنهن جو نالو ارياہ بن سليمان بن حننياہ هو، سو اُتي هو؛ ۽ اُنهيءَ يرمياہ نبيءَ کي گرفتار ڪيو، جو چيائين تہ تون ڪسدين ڏي ڀڳو ٿو وڃين.


ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.


تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.


پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس.


نڪي وري جن ڳالهين جو مون تي هاڻي الزام آندو اٿن، تن جي ثابتي ڏيئي ٿا سگهن.


پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.


هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ