Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:33 - Sindhi Bible

33 تون ڪيئن نہ پنهنجو رستو ٿي ٺاهين تہ يار ڳولين! تنهن ڪري ڪميڻين زالن کي بہ تو پنهنجا رستا سيکاريا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اي منهنجي قوم! عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين. بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:33
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منسيءَ يهوداہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ايتري قدر گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ خراب ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪيو هو.


تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


تنهنڪري ڏس، مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ تنهنجو رواجي کاڌو گهٽائي ڇڏيو اٿم، ۽ فلستين جون ڌيئرون جي تنهنجي بي حيائيءَ جي هلت ڪري شرمنديون ٿيون آهن، ۽ جي توکي ڌڪارين ٿيون، تن جي مرضيءَ تي توکي ڇڏي ڏنو اٿم.


انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ