Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:29 - Sindhi Bible

29 ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟ جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:29
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛


انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.


هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ