Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:26 - Sindhi Bible

26 جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”جيئن ڪو چور پڪڙجي پوڻ تي خوار خراب ٿيندو آهي، تيئن ئي اوهان بني اسرائيل وارا پنهنجن بادشاهن ۽ اميرن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت خوار خراب ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


ڇالاءِ جو جيڪي شاهہ بلوط اوهان کي پسند آهن تن کان هو شرمندا ٿيندا، ۽ جيڪي باغ اوهان پسند ڪيا آهن تن جي لاءِ اوهين لڄي ٿيندا.


ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا.


جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


۽ اهو هن سبب ڪري جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، سندن بادشاهن، ۽ سندن اميرن، سندن ڪاهنن، ۽ سندن نبين، ۽ يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن خرابي ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ بادشاهہ ۽ امير بي دل ٿيندا؛ ۽ ڪاهن حيران ٿيندا، ۽ نبي عجب ۾ پوندا.


ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو.


تہ تون خود پنهنجي خواري کڻين ۽ جيڪي تو ڪيو آهي تنهن جي ڪري تون شرمندي ٿين، جنهن صورت ۾ تون هنن جي لاءِ تسلي جو باعث آهين.


هن جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي، ۽ منهنجين پاڪ شين جي بي ادبي ڪئي اٿن. هنن پاڪ ۽ عام شين جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي هنن ماڻهن کي پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرايو آهي، ۽ هنن منهنجن سبتن کان پنهنجون اکيون لڪايون آهن، ۽ سبت جي ڏينهن منهنجي بي ادبي ٿي آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ