يرمياہ 2:25 - Sindhi Bible25 تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible25 اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.