Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:23 - Sindhi Bible

23 تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:23
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهودين کي روشنائي، ۽ سرهائي، ۽ خوشي، ۽ عزت حاصل ٿي.


ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.


خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.


جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.


پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ