Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:18 - Sindhi Bible

18 ۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هاڻي نيل نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اشور ملڪ ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت بادشاهہ آخز اسور جي بادشاهن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو.


۽ وڏن پاڻين تي سيحور جو اَن ۽ نيل نديءَ جو فصل، اُن جي آمدني هئي؛ ۽ هو قومن جي واپار جو هنڌ هو.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.


مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي.


تو اسورين سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، ڇالاءِ جو توکي ڍؤ ئي نٿي ٿيو؛ هائو، تو هنن سان زناڪاري ڪئي آهي تہ بہ توکي اڃا ڍؤ نہ ٿيو آهي.


پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟


اهي سڀ ڳالهيون توسان ڪيون وينديون، ڇالاءِ جو تون غير قومن جي پٺيان زناڪاري ڪندي رهي آهين، ۽ ڇالاءِ جو تون انهن جي بُتن سان ناپاڪ ٿي آهين.


جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.


افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.


سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ