Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 2:14 - Sindhi Bible

14 اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ”بني اسرائيل قوم نہ تہ زرخريد ٻانهي آهي، ۽ نہ وري اها پيدائشي غلام هئي، تہ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري انهيءَ کي لٽيو ڦريو ويو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 2:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو.


اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ، توڙي جيڪو مسافر ٿي اوهان ۾ رهي ٿو، تنهن لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي.


تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.


مون ٻانها ۽ ٻانهيون خريد ڪيون، ۽ گهر ڄاول ٻانها بہ هئم؛ چوپائي مال جا گهڻا گلا ۽ ڌڻ بہ منهنجي ملڪيت ۾ هئا، جي يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا هئا تن کان وڌيڪ هئا؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ