يرمياہ 19:7 - Sindhi Bible7 ۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.