Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 19:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ۽ انهن کي منهنجو هي فرمان بہ ٻڌاءِ تہ ’آءٌ قادرِمطلق خداوند هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس جيئن هيءَ گھُگھي ڀورا ڀورا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي وري نہ ٿو جوڙي سگھجي. اوهان جي قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 19:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون انهن کي لوهہ جي لٺ سان ڀڃندين؛ ۽ کين ڪنڀر جي ٿانوَ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪندين.


تنهن ڪري هن جي آفت اوچتي ايندي؛ اوچتو ئي اوچتو هو ڀڄي ڀري ويندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن مان هڪڙن کي ٻين تي اُڇلي هڻندس، يعني پيئن ۽ پٽن کي گڏ: آءٌ ڪو بہ قياس ڪونہ ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس نڪي رحم ڪندس، تہ ناس نہ ڪريان.


خداوند ٿو فرمائي تہ هن هنڌ سان، ۽ انهي جي رهاڪن سان بہ آءٌ ائين ڪندس، يعني هن شهر کي توفت جهڙو ڪندس:


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.


اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.


موآب جي سڀني گهرن جي ڇتين تي ۽ ان جي گهٽين ۾ جتي ڪٿي ماتم متو پيو آهي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ مون موآب کي انهي ٿانوَ وانگي ڀڃي ڇڏيو آهي، جو نہ وڻندو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرين، تڏهن انهي سان هڪڙو پهڻ ٻڌي فرات نديءَ جي وچ ۾ انهي کي اُڇلائي ڇڏجانءِ؛


صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن!


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ