Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، ان جي اڏڻ ۽ ڄمائڻ جي لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ ڪا قوم يا ڪا حڪومت ٺهڻي ۽ قائم ٿيڻي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڄمڻ جي لاءِ وقت، ۽ مرڻ جي لاءِ وقت؛ پوکڻ جي لاءِ وقت، ۽ پوکيل کي وري پٽڻ جي لاءِ وقت؛


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو.


اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.


هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ