Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:7 - Sindhi Bible

7 جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، اُن جي پٽي ڪڍڻ، ۽ ڀڃي ڊاهي وجهڻ، ۽ ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪنهن وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ فلاڻي قوم يا فلاڻي حڪومت جون پاڙون پٽجڻ واريون آهن يا اها ڊهڻ ۽ تباهہ ٿيڻ واري آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس.


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


وري جڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين، تڏهن جي هو پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو؛


۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.


۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ