Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:23 - Sindhi Bible

23 هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:23
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وقت آيو آهي تہ خداوند ڪم ڪري؛ ڇو جو انهن تنهنجيءَ شريعت کي رد ڪيو آهي.


جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.


تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر.


۽ هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو: ڇالاءِ جو آءٌ عنتوت جي ماڻهن تي خرابي آڻيندس، يعني هنن جي سزا جو سال.


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبين انهن اميرن کي ۽ باقي سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ هي ماڻهو موت جي سزا جو لائق آهي؛ ڇالاءِ جو هن شهر جي برخلاف نبوت ڪئي اٿس، جيئن اوهان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.


۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن.


اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛


ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ