Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:21 - Sindhi Bible

21 تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:21
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا.


پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو.


۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا.


۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.


ڇالاءِ جو جيڪي هن قوم جا سردار آهن سي ئي انهيءَ کي گمراهہ ڪن ٿا؛ ۽ جيڪي انهن جي پيروي ٿا ڪن؛ سي ناس ٿي وڃن ٿا.


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.


هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.


اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن.


۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس.


ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.


مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.


سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛


۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ