Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:20 - Sindhi Bible

20 ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:20
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو.


تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.


بدڪار مون کي برباد ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن؛ پر آءٌ تنهنجن شاهدين تي غور ڪندو رهندس.


اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي.


ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن.


جيڪي نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن سي منهنجا دشمن آهن، ڇو جو آءٌ نيڪيءَ جي پيروي ٿو ڪريان.


انهن منهنجي پيرن لاءِ ڄار وڌو آهي؛ منهنجي جان جهڪي ويئي آهي: انهن منهنجي اڳيان کڏ کوٽي آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ڪِريا آهن.


هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو.


جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.


جيڪو کڏ کڻندو سو انهيءَ ۾ پوندو: ۽ جيڪو ڇپ ليٽائي ٿو تنهن تي اها موٽي اچي پوندي.


جيڪو کڏ کڻي ٿو سو انهي ۾ پوي ٿو؛ ۽ جيڪو ڪنهن لوڙهي کي لتاڙي لنگهي ٿو تنهن کي نانگ کائيندو.


تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


اي خداوند، مون ڏي ڌيان ڪر، ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن جو آواز ٻڌ.


ڀلي تہ هنن جي گهرن مان تڏهن دانهن نڪري جڏهن تون اوچتو مٿن هڪڙو لشڪر آڻي ڪڙڪائين: ڇالاءِ جو هنن مون کي پڪڙڻ جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي پيرن جي لاءِ ڦندا رکي ڇڏيا اٿن.


پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين.


تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟


پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ