Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:19 - Sindhi Bible

19 اي خداوند، مون ڏي ڌيان ڪر، ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن جو آواز ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سو مون خداوند کان دعا گھري تہ ”اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ ٻڌ تہ مون تي الزام هڻندڙ ڇا ٿا چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند تون پنهنجو ڪن ڏي ۽ ٻڌ؛ اي خداوند، تون پنهنجيون اکيون کول ۽ ڏس؛ ۽ جيڪي ڳالهيون سنحيرب جيئري خدا کي طعني هڻڻ جي ارادي سان مون ڏانهن چوائي موڪليون آهن، سي ٻڌ.


ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.


اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.


اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.


پر اي لشڪرن جا خداوند، جو سچي کي آزمائين ٿو ۽ گردن ۽ دل کي ڏسين ٿو، مون کي اهو بدلو ڏيکار، جو تون هنن کان وٺندين؛ ڇالاءِ جو مون تو وٽ پنهنجو فرياد ڪيو آهي.


اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.


اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ