Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين قومن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڏسو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؟ منهنجي قوم جيڪا هڪ ڪنواريءَ مثل آهي، تنهن تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.


اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪو ملڪ ڄمندو آهي ڇا؟ هڪدم ڪا قوم پيدا ٿيندي آهي ڇا؟ پر صيون کي سورن ٿيڻ شرط ٻار ڄاوا.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


لبنان جي برف، جا ٽڪر تان ميدان ۾ وهي ٿي سا ڪڏهن بند ٿي ويندي ڇا؟ يا ٿڌو پاڻي جو پري کان اچي ٿو سو سڪي ويندو ڇا؟


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.


هڪڙو عجيب ۽ خوفناڪ ڪم ملڪ ۾ ٿي پيو آهي.


خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.


اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.


اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.


اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.


ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.


۽ فلستي ڊڄي ويا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ خدا لشڪرگاهہ ۾ آيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسان سان ويل ٿيو! ڇالاءِ جو هيستائين اهڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ