Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:11 - Sindhi Bible

11 تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:11
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.


تنهنڪري هاڻي ڏس، خداوند تنهنجن هنن سڀني نبين جي وات ۾ هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ بڇڙي خبر ڏني آهي.


انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.


اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.


۽ ارام جي بادشاهہ چيو تہ هل، اچ، آءٌ پاڻ اسرائيل جي بادشاهہ ڏي خط موڪليندس. ۽ هو هليو ويو، ۽ پاڻ سان ڏهہ قنطار چانديءَ ۽ ڇهہ هزار ٽڪر سون ۽ ڏهہ وڳا ڪپڙن جا کڻي ويو.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.


۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ


انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:


تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.


امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان.


شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.


صيون ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو: پناهہ لاءِ ڀڄو، ترسو نہ: ڇالاءِ جو آءٌ خرابي ۽ تباهي اُتر جي پاسي کان آڻيندس.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ رهائيندس.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ شرير جي مرڻ ڪري ڪا مون کي خوشي ٿئي ٿي ڇا؟ بلڪ منهنجي خوشي انهي ۾ ڪونهي ڇا تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي؟


۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين:


اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ