جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.
ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.