يرمياہ 17:5 - Sindhi Bible5 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 خداوند فرمائي ٿو تہ ”لعنتي آهن اهي ماڻهو، جن جي دل مون خداوند کان ڦري ٿي وڃي، هائو، جيڪي مون کي ڇڏي ڪنهن انسان تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ هڪ فاني بشر کي پنهنجي طاقت ٿا بڻائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.