Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:27 - Sindhi Bible

27 پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:27
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿن جي ٺاهيل شين سان مون کي چيڙائي ڪاوڙ ڏيارين؛ تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ انهيءَ هنڌ تي ڀڙڪندي ۽ اُها جهَڪي نہ ٿيندي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


تنهنجن ڀتين جي اندر سلامتي هجي، ۽ تنهنجن محلاتن ۾ آسودگي هجي.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


خداوند جو ڪلام جو يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو.


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي.


۽ هو تنهنجا گهر باهہ سان ساڙيندا، ۽ گهڻين زالن جي اڳيان توتي فتوائن جي تعميل ڪندا؛ ۽ آءٌ توکي ڪڃري ٿي گذارڻ کان بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اڳتي وري تون ڪنهن کي خرچي نہ ڏيندينءَ.


مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي.


۽ اسرائيل جي ملڪ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍندس، ۽ تو مان سچن کي توڙي شريرن کي وڍي ڇڏيندس.


تو منهنجي پاڪ شين کي ڌڪاريو آهي ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي آهي.


تنهن کانسواءِ هنن هي بہ مون سان ڪيو آهي: انهي ساڳي ڏينهن هنن منهنجو پاڪ مڪان پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي اٿن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.


پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.


ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ