يرمياہ 17:26 - Sindhi Bible26 ۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible26 تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.