Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:25 - Sindhi Bible

25 تہ پوءِ هن شهر جي دروازن مان بادشاهہ ۽ شهزادا اندر لنگهي ايندا، ۽ دائود جي تخت تي ويهندا: ۽ هو ۽ انهن جا امير، ۽ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو، گاڏين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ايندا: ۽ هي شهر هميشہ لاءِ قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي ۽ هي شهر هميشہ لاءِ آباد رهندو. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن سميت هن شهر جي دروازن مان پيا لنگھندا. هائو، اهي پنهنجن عملدارن سميت جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي همراهيءَ ۾ شهر ۾ پيا ايندا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:25
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.


۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود سڀني گاڏين جي گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون، مگر هڪ سؤ گاڏين جي لاءِ انهن مان گهوڙا رکي ڇڏيائين.


۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ يقيناً دائود جي تخت تي ويهندڙ بادشاهہ هن گهر جي درن مان گاڏين ۽ گهوڙن تي چڙهي، هر هڪ پنهنجن نوڪرن ۽ ماڻهن سميت اندر لنگهي ايندو.


انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:


انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛


تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ رهائيندس.


تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ وسائيندس، يعني انهي ملڪ ۾ جو مون قديم وقت کان وٺي هميشہ لاءِ اوهان جن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ