Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:24 - Sindhi Bible

24 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.


تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.


۽ جڏهن هو ڪو لشڪر، يا گهوڙيسوارن جا جوڙا، يا گڏهن جي ٽولي، يا اُٺن جو ميڙ ڏسي تڏهن ڌيان سان ٻڌندو.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا،


ڇالاءِ جو هي سڀ حڪم جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا؛ ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ هن جي سڀني واٽن تي هلندا، ۽ هن سان قائم رهندا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ