يرمياہ 17:23 - Sindhi Bible23 پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible23 پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.