Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:21 - Sindhi Bible

21 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 خبردار ٿيو، متان سبت جي ڏينهن ڪو بار کنيو اٿوَ، يا اهو يروشلم جي دروازن کان اندر ٽپائي آندو اٿوَ، پوءِ پنهنجي حياتيءَ جو خير نہ سمجھجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.


ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جو ائين ٿو ڪري، ۽ اهو بني آدم جو انهي کي مڃي ٿو. جو سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي برائيءَ کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو.


جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.


تنهنڪري خبردار رهو، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ٿا ٻُڌو: ڇوتہ جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو؛ ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان اُهو بہ کسي وٺبو جو هو ڀانئين تہ مون وٽ آهي.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛


تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي سنڀال ڪجو؛ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن خداوند حورب وٽ باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو؛ تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي:


اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


تنهنڪري اوهين چڱي سنڀال ڪجو تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ