Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:20 - Sindhi Bible

20 ۽ انهن کي چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو، جي هنن دروازن مان لنگهو ٿا، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اتي وڃي ماڻهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! جيڪي هنن دروازن مان لنگھو ٿا سي سڀ ٻڌو تہ آءٌ خداوند ڇا ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


خداوند مون کي فرمايو، تہ وڃي عام خلق جي دروازي تي بيهہ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ لنگهي اچن وڃن ٿا، ۽ يروشلم جي سڀني دروازن تي بہ؛


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي بابت اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


مون چيو تہ اي يعقوب جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اوهين ٻڌو: اوهان کي مناسب ناهي ڇا تہ اوهين عدالت کان واقف هجو؟


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ