Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 17:19 - Sindhi Bible

19 خداوند مون کي فرمايو، تہ وڃي عام خلق جي دروازي تي بيهہ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ لنگهي اچن وڃن ٿا، ۽ يروشلم جي سڀني دروازن تي بہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يروشلم جي ٻين سڀني دروازن سان گڏوگڏ عام ماڻهن واري انهيءَ دروازي ڏانهن پڻ وڃ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ ايندا ويندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 17:19
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏاهپ رڙيون نٿي ڪري ڇا، ۽ سمجهہ وڏي سڏ نٿي پڪاري ڇا؟


هن پنهنجون ٻانهيون موڪليون آهن، هوءَ شهر جي تمام مٿانهين جاين تي پڪاري چوي ٿي تہ


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


۽ انهن کي چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو، جي هنن دروازن مان لنگهو ٿا، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛


۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.


تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.


تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ