17 تون منهنجي لاءِ خوف جو سبب نہ ٿيءُ؛ تون مصيبت جي ڏينهن منهنجي پناهہ آهين.
17 مصيبت جي ڏينهن تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين، سو تون منهنجي لاءِ دهشت جو سبب نہ بڻج،
ڇالاءِ جو مون کي خدا وٽان آيل آفت جي لاءِ خوف هو، ۽ هن جي جلال جي ڪري آءٌ ڪجهہ نہ ڪري سگهيس.
مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.
پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين.
اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.
اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.
برڪت وارو آهي اهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جنهن جي اميد آسرو خداوند آهي.
۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.
خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو.
تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو.